اسلام ??با?? – 07 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 8 کان 9 نومبر تي منعقد ٿيندڙ 16 هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ تاشقند ازبڪستان جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگرا?? وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اي سي او ويزن 2025ع، واپار، ٽرانسپورٽ، ڪنيڪٽيويٽي، توانائي، سياحت ۽ اقتصادي ترقي ۽ پيداواري شعبن ۾ علائقائي ??عاون ??ي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندا. نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تنظيم جي مستقبل جي ڪم ۽ علائقائي ??ابطن ۽ گڏيل خوشحالي ??ي فروغ لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو، هو ازبڪستان جي قيادت ۽ ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۾ پڻ شامل ٿيندو. بيان موجب اي سي او جي باني ميمبر طور پاڪستان اي سي او خطي جي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي هدفن جي لاءِ پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا