اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آه??، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آه??. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عا??لن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ثانيه نشتر ۽ ٻين سينيٽرن تمام اهم نقطا اٿاريا آه??، پارليامينٽ جي گڏيل ڏاهپ سان حڪومت کي رهنمائي ملي ٿي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون تمام سٺيون آه??، ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته هن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا پنجاب ۾ 39 لک 24 هزار 367 ميٽرڪ ٽن، سنڌ ۾ 8 لک 17 هزار 394 ميٽرڪ ٽن، خيبرپختونخواهه ۾ 2 لک 15 هزار 82 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان ۾ 89 هزار 354 ميٽرڪ ٽن، پاسڪو وٽ 17 لک 18 هزار 177 ميٽرڪ ٽن موجود آه??، جيڪو مجموعي طور تي 67 لک 64 هزار 374 ميٽرڪ ٽن آه??. هن چيو ته ڪڻڪ جي نجي ذخيرن ۾ پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 270 ميٽرڪ ٽن، س??ڌ وٽ 93 هزار 165 ميٽرڪ ٽن، خيبرپختونخواهه وٽ 14 هزار 918 ميٽرڪ ٽن، بلوچستان وٽ 4 هزار 167 ميٽرڪ ٽن جيڪو مجموعي طور تي 4 لک 49 هزار 510 ميٽرڪ ٽن بڻجي ٿو. هن چيو ته درآمد ٿيندڙ پرائيويٽ اسٽاڪ ۾ 10 لک 33 هزار 845 ميٽرڪ ٽن آه??. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آه?? ۽ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آه??. صوبن ۾ امدادي قيمت مختلف آه??. پنجاب ۾ اها 4 هزار 600 ۽ سنڌ ۾ 4 هزار 700 رپيا في مڻ آه??. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر مو??ان?? عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي، سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر رخسانه زبيري به خيالن جو اظهار ڪيو.
ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش