ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪس??ان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ??يم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪس??ان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هن وقت گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??جل??س جي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪس??ان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران وزيراعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪس??ان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم حڪومت ۽ بي ??يم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪس??ان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ??يم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی