نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي)صحافين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) چيو آهي ته 17 آڪتوبر کان شروع ٿيل اسرائيل فلسطيني تڪرار دوران غزه ۾ هاڻ تائين 63 صحافي مارجي چڪ?? آه??. ر??سي خ??بر?? اداري مطابق تنظيم جي رپورٽ جي حوالي سان ٻُڌيو ته ويجهڙ ۾ شهيد ٿيل صحافين ۾ القدس ٽي وي جي رپورٽر حسن فراج الله ۽ المجدات نيٽ ورڪ جي صحافي شيما الغزار به شامل ??هن. سي پي جي واضح ڪيو ته 17 آڪٽوبر کان هاڻ تائين 56 فلسطيني ميڊيا ورڪرز، 4 اسرائيلي ۽ 3 لبناني صحافي پنهنجون جانيون وڃائي چڪ?? آهن جڏهن ته 11 صحافي زخمي ٿيا ۽ 3 لاپتا ??هن. سي پي جي وچ ايشيا ۽ اُتر آفريقا جي پروگرام ڪوآڙڊينيٽر شيريف منصور چيو ته سي پي جي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته صحافي بحران جي و??ت ماڻهن کي تازا ترين حالتن کان آگاهه ڪن ٿا ۽ جنگ ڪندڙ ڌُرين طرفان کين نشانو نه بنائڻ گهرجي. فلسطيني صحافين جي سينڊيڪيٽ ان کان اڳ اطلاع ڏنو هو ته غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي شروعات کان پوءِ هاڻ تائين 63 فلسطيني صحافي شهيد ٿي چڪ?? ??هن.
غزه ۾ جاري جنگ ۾ هاڻ تائين 63 صحافي مارجي چڪا آهن: ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا