بيجنگ – 05 آگسٽ (اي پي پي) چين ڪشمير مسئلي تي پنهنجي مستقل ۽ واضح موقف جو ورجاءُ ڪندي سفارتي ذريعن سان پراڻي تڪرار جي پر امن حل جي ض??ور?? تي زور ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪشمير مسئلي تي چين جو موقف مستقل ۽ واضح آهي ته ڪشمير مسئلو تاريخ جو مڃيل تڪرار آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??هر??ئن ۽ ٻطرفي معاهدن مطابق پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ هڪ طرفي ڀارتي ڪارروائين خاص طور تي گذريل 5 سالن ۾ تڪراري عل??ئقي جي حيثيت ۽ آبادي جي شرح تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جي باري ۾ صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيني ترجمان سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته هو هڪ طرفو قدم کڻڻ کان پاسو ڪن جنهن سان صورتحال وڌيڪ مُشڪل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز