اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنهن وزيراعظم ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ احتساب جي روايت اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري وڌي آهي، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف پاڻ کي آئين ۽ قانون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طر?? سمورن ادارن کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ڏيندڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪند?? کي ملڪ مان ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ضرورت آهي، اڄڪلهه هي جيڪي چيخون نڪري رهيون آهن ??نهن ??و به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي وچ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جنهن ??هشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ان کي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن ??ي حمايت ڪند?? کي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي هوندي، پاڪستان جي عوام محمد نواز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??سلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو هو ته پاڪستان ۾ احتساب جي روايت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ان روايت جي شروعات ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ