اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو گه?? آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ??لڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پ??ران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گه?? آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻائڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي رڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي رڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پ??ران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج س??ن نه رڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ??لڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي شعبي سان واڳيل آهي.
موجوده حڪومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات