اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ جي جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي چين ??? پ??ڪستان اقتصادي راهداري سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ا??ليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪ??ر ڊاڪٽر معيد ??وسف، هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين عاطف بخاري، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ اعليٰ سطح جي آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظ?? کي سي پيڪ تحت مختلف شعبن ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت نه رڳو اڳوڻي حڪومت طرفان شروع ڪيل منصوبن جي تڪميل ڪئي پر رڳو اڍائي سالن جي اندر ڪيترن ئي اهم منصوبن کي به مڪمل ڪيو. اجلاس ۾ انفرااسٽرڪچر جي ترقي جي منصوبن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان کان هٽي ڪري ته ڪوبه منصوبو ڪنهن شروع ڪيو، وڌيڪ منصوبا موجوده حڪومت مڪمل ڪيا.
سي پيڪ کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی