اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي شعبي جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت ڪارڊ جي فراهمي سا?? عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي به??ري لاءِ منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صحت ڪارڊ ۽ ان سا?? عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ به??ري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین